SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


UNOGUnited Nations Office at Geneva

(click word to listen sound
  • 🔊
  • unogunited
  • næʃənz
  • ɔfis
  • eit
  • geneva
  • )

From the Dictionary of International Relations:

UNOGUnited Nations Office at Geneva

يُونائيٽيڊ نيشنس آفيس ايٽ جنيوا

گڏيل قومن جو جنيوا ئي دفتر

سُفارتڪاريءَ جي سلسلي ۾ دنيا جي متحرڪ مرڪزن مان هڪ مرڪز طور سُڃاپجندڙ ماڳ جي حيثيت ۾ ، نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي قائم ڪيل مرڪز کان پوءِ وڏي ۾ وڏو ۽ گڏيل قومن طرفان برپا ڪيل چوٿون وڏو دفتر آهي . جيڪو 1929ع کان 1938ع تائين ’قومن جي انجمن‘ لاءِ سئٽزرلئنڊ جي راڄڌاني جنيوا ۾ جوڙيل ’پئليس ڊي نيشنس‘ عمارت ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ان کي 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ وڌائي وڏو ڪيو ويو. عمارت جي حدن ۾ گڏيل قومن کان سواءِ ’گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ بابت سڀا‘ (UNCTAD)، ’انساني معاملن جي رابطي‘(OCHA) ۽’يورپي معاشي ڪميشن‘ (EEC) جا دفتر به ڪم ڪري رهيا آهن . هي دفتر ڪيترن ئي اهم انساني ۽ بين الاقوامي معاملن تي ڪم ڪري ٿو، جن ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ، آفتن ۽ المين کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ ، هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ، معاشي توڙي تجارتي ترقيءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ ، سائنس ، ٽيڪنالاجي ، تحقيق ، تربيت ۽ ثقافتي سرگرمين جي پوئواري ڪرڻ شامل آهي


Remember Me Also:

جلسو

ذ. [ع. جَلسَه < جَلَسَ = ويهڻ] مجمع ، هُجُوم. مجلس وعظ، راڳ وغيره جي ، محفل خوشيءَ جي. ٺاهه ٺُوهه ، هار سينگار ، نِماءُ ، ڏيکاءُ. نماز ۾ سجدو ڪري پهريون دفعو ويهڻ ، خطيب جو ٻن خطبن جي وچ ۾ ويهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal